تورڪيءَ جو قبرستان

تُورڪيءَ جو قبرستان: هيءُ قبرستان، ٽنڊي الهيار کان 14-15 ميل، اتر طرف، ٽنڊي آدم روڊ جي کاٻي طرف آهي. چوڌاري ديوار اٿس ۽ آثار قديمه جي نگرانيءَ هيٺ آهي. سرزمين تي سم ۽ ڪلر اڃا نه پهچڻ ڪري، قبرن تي چٽساليءَ ۽ اُڪر جو ڪم محفوظ آهي. هتي جون قبرون ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر جي نشاندهي ڪن ٿيون. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سهري مرزا مغل بيگ جڏهن 1424 هه ۾ وفات ڪئي ته کيس هتي دفن ڪيو ويو. سندس قبر کي ”نسخ“ (عربيءَ ۽ سنڌي رسم الخط) ۽ ”نستعليق“ (فارسي رسم الخط) ۽ روايتي قسم جي مصوريءَ ذريعي سينگاريو ويو آهي. هيءَ مزار هالا حويليءَ کان چئن ميلن جي مفاصلي تي سوئي ڪندر ۽ ڪوٽڙيءَ ڀرسان واقع آهي. هن مزار جي ٻنهي حصن مان هرهڪ ۾ 15 تختيون (پٽيون) لڳل آهن، جن مان 9 ڊگهيون پٽيون عربي رسم الخط ۾ لکيل، جڏهن ته ٽن ننڍين پٽين مان هرهڪ ڌار ڌار ڪنڊن تي لڳل آهي. جڏهن ته هڪ تختي ”نستعليق“ جيڪا فارسي رسم الخط ۾ لکيل آهي، مزار جي پيرن وارن پاسي کان لڳل آهي، جنهن تي ”روز جمعه بتاريخ بيست و چهارم صفر مرزا بيگ مرحوم ابن مرزا خان بيگ ارغون وفات يفت 1124ع“ لکيل آهي. ھن قبرستان ۾ ميون ونھيون جامع مسجد، ميين ونھين جو مقبرو، بخاري ساداتن جون قبرون، مرزا مغل بيگ جي مزار، امير شاهه قاسم خان زمان جي مزار، مير ابوالقاسم سلطان جي مزار، شاهه قاسم بيگلار جي مزار وغيره آھن. ھي سنڌ جي وڏن قبرستانن مان هڪ آھي. ھن کي ميين ونھين جو قبرستان به ڪري سڏيندا آھن. سڄو قبرستان ڏھن ٻارھن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ٿيندو. ٺٽي جي مڪليءَ واري قبرستان وانگر هتي زرد پٿر جون جڙيل قبرون اڪثر بيگلارن جون آھن.
• ساڳئي نالي سان قبرستان جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ پڻ آباد آهي، جنهن ۾ ’درس‘ ذات جا ماڻهو رهندڙ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو